SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


National Interest

(click word to listen sound
  • 🔊
  • næʃənl
  • intrəst
  • )

From the Dictionary of International Relations:

National Interest

نيشنل انٽريسٽ

قومي مُفاد:

ڪنهن به قوم طرفان حاصلات لاءِ طئه ڪيل اهڙا بُنيادي مقصد، جيڪي ڪنهن به مُلڪ، قوم يا رياست جي جياپي جا ضامن هُجن. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ”قومي مُفاد“ وارو اصطلاح خاص طور ٻن معنائن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. پهرين معنيٰ ۾ ’قومي مُفاد‘ هڪ اهڙو مقصد آهي جيڪو ڪنهن به مُلڪ جي پرڏيهي پاليسي جي حاصلات يا مقصدن جي نشاندهي ڪندو آهي. ٻي معنيٰ تحت هيءُ سياسي لاڳاپن جو هڪ اهڙو گهڻ - رُخو تصور آهي، جيڪو هڪ مُلڪ طرفان اختيار ڪيل ڪنهن خاص ترجيحي پاليسيءَ جي وضاحت ڪندو آهي. ٻنهي معنائن ۾ هيءُ اصطلاح آزاد ۽ خودمختيار رياستن ۽ انهن جي پرڏيهي پالسين کي اخذ ڪندڙ مُک لاڙا واضح ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي. هن اصطلاح ‎جي جامع وضاحت ڪندڙ پهرئين عالم چارلس بيئرڊ (1934ع) مطابق هيءُ اصطلاح يورپي سياست اندر سورهين صديءَ ۾ قوم جي پراڻي تصور جي خاتمي ۽ نئين يعني ”قومي رياست“ جي تشڪيل دوران اُڀري آيو. ان کانپوءِ هيءُ تصور مشهور سياسي مُفڪر ’هئنس مارگنٿا‘ (1951ع) جي فڪري لاڙن ۾ نسري نروار ٿيو. جنهن جي چوڻ مطابق عالمي سياست کي سمجهڻ لاءِ هيءُ اصطلاح مرڪزي اهميت رکي ٿو. سندس خيال آهي ته ڪنهن به رياست جي بُنيادي مُفادن لاءِ لازمي آهي ته اُها طاقت (Power) جي حاصلات ۽ استعمال ۾ سگهاري بڻجي. بهرحال ”قومي مفاد“ مجموعي طور ڪنهن به رياست جي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ اهم ترين اصول آهي ۽ اهو ٻين مڙني ترجيحن کان مٿڀرو آهي. بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن ”قومي مُفاد“ جا ڪُجهه اهم قسم هيٺئينءَ ريت ڄاڻايا آهن: (1). بُنيادي مفاد: هن قسم جي مُفادن ۾ جاگرافيائي وجود، سياسي ۽ ثقافتي سڃاڻپ سميت مُک مُفاد شامل آهن. هر رياست کي ڪنهن به قيمت تي اهي مُفاد بچائڻا آهن. (2). ثانوي مُفاد: مُلڪ يا مُلڪ کان ٻاهر موجود شهرين ۽ سُفارتخاني ۾ ڪم ڪندڙ عملدارن جو تحفظ ”ثانوي“ مُفادن ۾ اچي ٿو. (3). مستقل مُفاد: مُلڪي سرحدن کان ٻاهر موجود فوج، شهرين ۽ معاشي مُفادن جي حفاظت لاءِ ڪن علائقن ۾ فوجي موجودگي برقرار رکڻ ذريعي مُفادن جي حفاظت لاءِ ڪن علائقن ۾ فوجي موجودگي برقرار رکڻ ذريعي اُهي مفاد ماڻي سگهجن ٿا. جيئن برطانيا پنهنجون بيٺڪون برقرار رکڻ لاءِ صدين تائين سامونڊي فوج کي سگهارو رکيو. (4). مٽجندڙ مُفاد: شخصن، عوامي راءِ، شعبه جاتي مُفادن، نسل ۽ سياست سان لاڳاپيل اهي مُفاد وقت، حالتن ۽ فردن جي تبديل ٿيڻ سان مٽبا رهندا آهن، ان ڪري اهڙن مُفادن بابت پاليسيون به تبديل ڪبيون رهبيون آهن. (5). عام مُفاد: هي اهڙا مُفاد آهن، جيڪي معيشيت، واپار، سفارتڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ بهترڪارڪردگيءَ ذريعي ماڻي سگهبا آهن، انهن مفادن جي حاصلات، ڪنهن به قوم جي ترقيءَ لاءِ اڻ ٽر آهي، (6). خصوصي مُفاد: ڪن خاص حالتن ۽ ماحول ۾ خاص پاليسيون اختيار ڪرڻ سان بهتر نتيجن جي حاصلات ذريعي اهي مُفاد ماڻي سگهبا آهن. قومن جا اهي مُفاد، عام طرح ٻين رياستن مٿان دٻدٻو ويهارڻ ۽ طاقت جي اظهار سان ظاهر ٿيندا آهن. ان کان علاوه هم خيال رياستن سان اتحاد، سفارتڪاريءَ ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ، معاشي امداد ڏيڻ يا وٺڻ، ميڊيا جي بهتر استعمال سبب ڪيل پروپئگنڊا، اجتماعي تحفظ جي نظام جوڙڻ ۽ پاڙيسرين جي سهڪار سان پڻ ”قومي مُفاد“ ڪاميابيءَ سان حاصل ڪري سگهبي آهن .


.


Other Phrases of National Interest used in Daily life:

Remember Me Also:

ڇڇ

ث. هيٺاهين زمين ، ڍورو ، تِلي ، تَرائِي. پاڻيءَ جي ڇَر ، ڇاڇر. ليٽَ ، ٻوڏَ. درياءُ جي تانگهي ڍَنڍَ جنهن ۾ مَڇي مري. سيوهڻ ۽ ساماري تعلقن ۾ ديهن جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal